جکراڻي عرض محمد

جکراڻي، عرض محمد: عرض محمد خان جکراڻي ولد مير راجا خان جکراڻي، 1919ع تي ڳوٺ دادپور جاگير لڳ جيڪب آباد ۾ جنم ورتو. هن پنهنجي ڳوٺ ۾ پنج درجا پاس ڪيا. هيءُ زميندار ۽ سماجي اڳواڻ هو. سماجي خدمتن ڪري سن 1983ع ۾ ميونسپل ڪائونسلر چونڊيو ويو. بعد ۾ کيس ميونسپل جو چيئرمين چونڊيو ويو. سن 1985ع ۾ غير سياسي بنيادن تي ٿيندڙ اليڪشن ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊجي ويو. هو 1987ع ۾ ٻيهر ميونسپل جو ڪائونسلر چونڊجڻ کان پوءِ چيئرمئن به چونڊيو ويو. ’اناج منڊي يونين‘ جو 1976کان 1991ع تائين سرپرست رهيو. سندس سماجي خدمتن جي پيش نظر سنڌ حڪومت کيس 1984ع ۾ جيڪب آباد جي مارڪيٽ ڪاميٽيءَ جو چيئرمئن مقرر ڪيو. هيءُ عهدو وٽــس 1989ع تائين رهيو. هو غريبن جي کلئي هٿ سان امداد ڪندو رهندو هو.
عرض محمد جکراڻي، 1 سيپٽمبر 1991ع تي دل جو دورو پوڻ سبب وفات ڪئي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1919.00.00  عيسوي

عرض محمد خان جکراڻي ولد مير راجا خان جکراڻي ، 1919ع تي ڳوٺ دادپور جاگير لڳ جيڪب آباد ۾ جنم ورتو .


1991.09.01  عيسوي

عرض محمد جکراڻي ، 1 سيپٽمبر 1991ع تي دل جو دورو پوڻ سبب وفات ڪئي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڀاتکنڊي وشنو نارائ
حاجي غلام نبي شاهه
بشير احمد قريشي
بهلول
سيد لال شاهه
خانصاحب غلام رسول ڪيهر
سرائي محمد صالح خان
شوپنهار آرٿر
آغا رفيق
پيرزادو شاهنواز مولائي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون